تذڪره مقالات الشعرا

تذڪره مقالات الشعرا

تذڪره مقالات الشعرا

تذڪره مقالات الشعرا: فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل هن تذڪري جو مولف سنڌ جو مايه ناز محقق، تاريخدان، تذڪره نگار ۽ شاعر ميرعلي شير قانع ٺٽوي آهي. مير علي شير 1203هه/1788ع ۾ وفات ڪئي هئي. هي ناياب تذڪرو مير قانع 1174هه/1760ع ۾ لکي مڪمل ڪيو، هن تذڪري ۾ ست سئو اوڻيهه (719) شاعرن، عالمن، فاضلن، بادشاهن ۽ عارفن جو احوال ۽ شاعريءَ جو نمونو موجود آهي. هي تذڪرو سنڌ جي اوائلي فارسي گو شاعرن تي مشتمل آهي. واضح هجي ته سنڌ جي ادبي تاريخ جي پهرين ڪڙي تذڪره لباب الالباب، ٻي ڪڙي تذڪره روضة السلاطين، ٽين ڪڙي تزڪره مقالات الشعرا ۽ چوٿين ڪڙي تذڪره تڪمله مقالات الشعرا آهي. مير قانع اگر هي تذڪرو تاليف نه ڪري ها ته سنڌ جي پنج سئو سالن جي ادبي تاريخ تاريڪيءَ ۾ رهجي وڃي ها. هي تذڪرو مير مراد علي خان ٽالپور 1246هه/1833ع ۾ نقل ڪري لکرائي محفوظ ڪيو، جيڪو انڊيا آفيس لائبريري ۾ موجود آهي. پير سيد حسام الدين راشدي وڏي محنت سان هن تذڪري کي ترتيب ڏئي مولف جي مڪمل احوال سان سنڌي ادبي بورڊ ڪراچيءَ مان 1957ع ۾ شايع ڪرايو. پير صاحب ترتيب ڏيڻ وقت حاشين ۾ پڻ سوين شاعرن، عالمن ۽ بادشاهن جو ذڪر قلمبند ڪيو آهي. هن تذڪري ۾ چوٽيهه ناياب تصويرن سان گڏوگڏ شخصيتن، ماڳن ۽ ڪتابن جون پڻ الڳ الڳ ڏسڻيون وڏي محنت سان تيار ڪيل آهن. ڊيمي سائيز جو هڪ هزار پنجاهه صفحن تي مشتمل هي تذڪرو 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي شايع ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو